غلام حيدر سولنگي

غلام حيدر سولنگي : اديب ۽ تعليمي ماهر حاجي غلام حيدر ولد محمد رجب سولنگي، 7 فيبروري 1935ع تي سيوهڻ ضلعي دادو (هاڻي ڄامشوري) ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم سيوهڻ مان ورتائين، مئٽرڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ڪيائين. بي. اي ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين، کيس شروع کان وٺي ادب ۽ تدريسي پيشي سان دلچسپي هئي. اڳتي هلي استاد ٿيو. سيوهڻ، دادو، جوهي ۽ ڀان سعيدآباد جي هاءِ اسڪولن ۾ هيڊماستر ٿي رهيو. سن، سيتا ۽ ميرپورساڪري جي هاير سيڪنڊري اسڪولن جو پرنسپال ٿي رهيو، بيورو آف ڪريڪيولم ونگ ڄامشوري ۾ سبجڪيٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت سان به ڪم ڪيو اٿس. ان کان سواءِ ايس. ڊي. اي. او سيوهڻ ۽ ميهڙ رهيو آهي، ضلعي دادو جو ڊي. اي. او پڻ رهي چڪو آهي. تعليم جي ترقيءَ لاءِ سدائين محنت ڪندو رهيو آهي. ادبي حوالي سان مضمون ۽ مقالا لکندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’قيمتي قطره‘، (2) ’سڙيل لاش‘، (3) ’ڪوئل تنهنجي ڪوڪ‘، (4) ’سنڌڙي جو سڏ‘ ۽ (5) ’قلندر لعل شهباز تي چاليهه مقالا‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.02.07  عيسوي

اديب ۽ تعليمي ماهر حاجي غلام حيدر ولد محمد رجب سولنگي، 7 فيبروري 1935ع تي سيوهڻ ضلعي دادو (هاڻي ڄامشوري) ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام ڪرارالدين
سليم ناصر
ٻڍل شاهه بخاري
عبدالفتاح ميمڻ 2
اميد علي سٺيو
پارپتي ماڙيچاڻي
پير حاجي نظر محمد شاهه جيلاني
جهولڻ شاهه
علي رضا سهتو قاضي
ٻيڙو فقير ڪنڀار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون